1 Chronicles 10:4 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تڏهن سائول پنهنجي زرهہ بردار کي چيو تہ پنهنجي ترار ڪڍي مون مان لنگهائي ڏي؛ تہ متان هي اڻ طهريل اچي مون سان نامناسب هلت ڪن. پر هن جي زرهہ بردار ائين نہ ڪيو؛ ڇالاءِ جو هو ڏاڍو ڊنو. تنهنڪري سائول پنهنجي ترار ڪڍي انهيءَ تي ڪِري پيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن سائول پنهنجي هٿياربردار کي چيو تہ ”پنهنجي تلوار ڪڍي مون کي ماري ڇڏ، نہ تہ هي اڻ‌طهريل اچي مون کي بي‌عزتو ڪندا.“ پر سندس هٿياربردار ڊڄي ويو ۽ ائين نہ ڪيائين، تنهنڪري سائول پنهنجي تلوار ڪڍي انهيءَ تلوار مٿان ڪري پيو.