1 Chronicles 12:19 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
منسيءَ مان بہ ڪي، جڏهن دائود فلستين سان گڏجي سائول سان جنگ ڪرڻ آيو، تڏهن وٽس آيا، پر هنن انهن کي مدد ڪانہ ڏني: ڇالاءِ جو فلستين جي اميرن صلاح مشورت کانپوءِ هن کي موڪلي ڏنو، ۽ چيائون تہ هو پنهنجي ڌڻيءَ سائول سان وڃي شامل ٿيندو، ۽ منجهانئس اسان جي سرن کي جوکو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن دائود فلستين سان گڏجي بادشاهہ سائول سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري آيو، تڏهن منسيءَ قبيلي جا ڪجھہ سپاهي پڻ دائود جي طرف هليا ويا. حقيقت ۾ دائود ۽ سندس ساٿين فلستين کي ڪابہ مدد ڪانہ ڏني، ڇو تہ فلستين جي سردارن صلاح مشوري کان پوءِ دائود کي موٽائي ڇڏيو هو. هنن سوچيو تہ ”جيڪڏهن هو وڃي پنهنجي مالڪ سائول سان شامل ٿيو تہ پوءِ اسان جي سِرن کي خطرو آهي.“