1 Chronicles 14:15 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن تون توت جي وڻن جي چوٽين تان ماڻهن جي هلڻ جو آواز ٻڌين، تڏهن جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري اچج: ڇالاءِ جو خدا فلستين جي لشڪر کي شڪست ڏيڻ لاءِ تنهنجي اڳيان اُٿي هليو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر جڏهن تون توتن جي وڻن جي چوٽين تي قدمن جو آواز ٻڌين، تڏهن ئي تون حملو ڪجانءِ، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ وقت آءٌ تنهنجي اڳيان فلستين جي لشڪر کي مارڻ لاءِ نڪري ايندس.“