1 Chronicles 19:5 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تڏهن ڪن وڃي دائود کي ٻڌايو تہ انهن سان ڪهڙو حال ڪيو ويو آهي. ۽ هن انهن کي گڏجڻ لاءِ ماڻهو موڪليا؛ ڇالاءِ جو اهي ماڻهو ڏاڍا شرمندا ٿيا هئا. ۽ بادشاهہ چيو تہ اوهين يريحو ۾ ترسي پئو، جيسين ڪ اوهان جون ڏاڙهيون وڌن ۽ پوءِ موٽي اچجو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هيڏانهن ڪنهن ماڻهو وڃي دائود کي انهن قاصدن جي باري ۾ ٻڌايو، تڏهن دائود ڪجھہ ماڻهو موڪليا تہ وڃي ساڻن رستي ۾ ملن، ڇاڪاڻ تہ هو ويچارا ڏاڍا شرمسار هئا. بادشاهہ کين چوائي موڪليو تہ ”اتي يريحو ۾ تيستائين ترسي پئو، جيستائين اوهان جون ڏاڙهيون وڌي اچن. پوءِ موٽي هتي اچجو.“