1 Chronicles 20:3 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ انهيءَ ۾ جيڪي ماڻهو هئا تن کي هن آڻي ڪرٽن، لوهہ جي ڏاندارين ۽ ڪهاڙين سان وڍي ڇڏيو. ۽ انهيءَ طرح دائود بني عمون جي سڀني شهرن سان ڪيو. ۽ دائود ۽ سڀيئي ماڻهو يروشلم ۾ موٽي آيا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ شهر ۾ جيڪي ماڻهو هئا، تن کي هن ٻاهر وٺي وڃي ڪرٽن، لوهہ جي ڏاندارين ۽ ڪهاڙين جي ڪم تي لڳائي ڇڏيو. دائود بني عمون جي سڀني شهرن سان ائين ئي ڪيو. پوءِ دائود پنهنجي سڄي لشڪر سميت يروشلم ۾ موٽي آيو.