1 Chronicles 21:15 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ خدا هڪڙي ملائڪ کي يروشلم ۾ موڪليو تہ انهيءَ کي ناس ڪري: ۽ جڏهن هو تباهہ ڪرڻ تي هو تہ خداوند ڏٺو، ۽ انهيءَ خرابيءَ کان پنهنجو ارادو بدلايائين؛ ۽ انهيءَ چٽ ڪرڻ واري ملائڪ کي چيائين تہ ڪافي آهي؛ هاڻي پنهنجو هٿ جهل. ۽ خداوند جو ملائڪ اُرنان يبوسيءَ جي اَن ڳاهڻ واري پڙ جي پاسي ۾ بيٺو هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خدا هڪڙي ملائڪ کي موڪليو تہ يروشلم کي تباهہ ڪري. هو اڃا تباهہ ڪري ئي رهيو هو تہ خداوند کي ترس اچي ويو سو انهيءَ ملائڪ کي چيائين تہ ”بس، هاڻي پنهنجو هٿ جھل.“ تنهن وقت خداوند جو ملائڪ اُروناہ يبوسيءَ جي اَن ڳاهڻ واري پِڙ جي پاسي ۾ بيٺو هو.