1 Chronicles 21:17 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ دائود خداوند کي چيو، تہ ائين نہ آهي ڇا تہ مون حڪم ڏنو تہ ماڻهن جو شمار ڪيو وڃي؟ يعني فقط مون ئي گناهہ ڪيو آهي ۽ ڏاڍي ڏنگي هلت هليو آهيان؛ پر هنن رڍن ڇا ڪيو آهي؟ آءٌ عرض ٿو ڪريان، تہ اي خداوند منهنجا خدا، تنهنجو هٿ منهنجي ۽ منهنجي پيءُ جي گهراڻي جي برخلاف هجي ۽ نہ هن قوم جي برخلاف تہ هو وبا ۾ مرن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
دائود دعا گھري تہ ”اي خدا! جنگي جوانن کي شمار ڪرڻ جو مون ئي حڪم ڏنو هو. مون ئي گناهہ ڪيو آهي ۽ غلطي ڪئي اٿم. هنن ويچارن ڪهڙو قصور ڪيو آهي؟ سو اي خداوند منهنجا خدا! مون کي ۽ منهنجي گھراڻي کي ڀلي سزا ڏي، پر هنن ماڻهن کي وبا سان نہ مار.“