1 Chronicles 25:1 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
انهيءَ کانسواءِ دائود ۽ لشڪرن جي سردارن آسف ۽ هيمان ۽ يدوتون جي پٽن مان ڪن کي خدمت لاءِ ڌار ڪيو، تہ هو بربطن ۽ تنبورن ۽ جهانجهن سان نبوت ڪن: ۽ انهن جو شمار جن انهيءَ ڪم ۾ خدمت ٿي ڪئي:
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
دائود ۽ لاوي اڳواڻن گڏجي آسف، هيمان ۽ يدوتون کي سندن پٽن سميت سندن گھراڻن مان خدمت لاءِ چونڊي ڌار ڪيو تہ هو هيڪل ۾ سارنگيون، دنبورا ۽ ٽليون وڄائڻ سان خدا جو ڏنل پيغام ٻڌائين. انهن خدمت ڪرڻ وارن جي فهرست ۽ سندن خدمت هي آهي: