1 Chronicles 26:31 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
حبرونين مان يرياہ سردار، يعني حبرونين جي اباڻي گهراڻن جي نسب نامي موجب. دائود جي بادشاهت جي چاليهين ورهيہ ۾ انهن جي ڳولا ڪئي ويئي، ۽ هو جلعاد جي يعزير وٽ زبردست بهادر مردن ۾ لڌا ويا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
بني حبرون ۾ يرياہ پنهنجي گھراڻي جو وڏو هو. دائود جي بادشاهيءَ جي چاليهين سال تواريخ تي تحقيق ڪئي ويئي تہ بني حبرون واري جِلعاد علائقي جي يعزير شهر ۾ تمام قابل ماڻهو ڏسڻ ۾ آيا.