1 Chronicles 27:2 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
پهرين مهيني ۾، يعني پهرين حصي جي مٿان يسوبعام بن زبدي ايل: ۽ سندس حصي ۾ چوويهہ هزار هئا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پهريون مهينو: يسوبعام ولد زبدي‌ايل جيڪو بني فارص ولد يهوداہ مان هو. ٻيو مهينو: دودي اخوحي. مقوت سندس نائب هو. ٽيون مهينو: يهويدع ڪاهن جو پٽ بناياہ. هي اهو بناياہ آهي جيڪو ”ٽيهن جو ٽولو“ جي بهادرن مان سڀني کان طاقتور ۽ سندن اڳواڻ پڻ هو. سندس پٽ عميزباد بہ سندس ٽولي ۾ شامل هو. چوٿون مهينو: يوآب جو ڀاءُ عساهيل. سندس پٽ زبدياہ سندس نائب هو. پنجون مهينو: سمهوت ازراخي. ڇهون مهينو: عيرا ولد عقيس تقوعي. ستون مهينو: بني افرائيم مان خلص فلطي. اٺون مهينو: زرحي ولد يهوداہ جي گھراڻي مان سبڪي حوساتي. نائون مهينو: بني بنيامين مان ابي‌عزر عنتوتي. ڏهون مهينو: زرحي ولد يهوداہ جي گھراڻي مان مهري نطوفاتي. يارهون مهينو: بني افرائيم مان بناياہ فرعاتوني. ٻارهون مهينو: غتني‌ايل جي گھراڻي مان خلدي نطوفاتي.