1 Chronicles 28:1 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ دائود اسرائيلين جي سڀني سردارن، يعني فرقن جي سردارن، ۽ ٽولين جي منهندارن کي، جي ترتيب وار بادشاهہ جي خدمت ڪندا هئا، ۽ هزارن جي سردارن ۽ سوَن جي سردارن، ۽ بادشاهہ جي ۽ سندس پٽن جي سڀ مال مويشيءَ جي سردارن، ۽ خواجہ سرائن، ۽ بهادر، بلڪ سڀني زبردست بهادر مردن کي يروشلم ۾ گڏ ڪيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
دائود بني اسرائيل جي هنن سڀني عملدارن کي يروشلم ۾ گڏ ٿيڻ لاءِ سڏايو: قبيلن جا سردار، بادشاهہ جي خدمت ڪندڙ ٽولن جا سالار، لشڪر جي هزارن ۽ سون جي ٽولن جا سالار، بادشاهہ ۽ سندس پٽن جي سموري ملڪيت ۽ مال جا نگران عملدار، محل جا خدمتگار، مکيہ ماڻهو ۽ سڀ آزمودگار جوڌا جوان.