1 Chronicles 28:4 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تنهن هوندي بہ خداوند اسرائيل جي خدا، مون کي منهنجي پيءُ جي سڄي گهراڻي مان چونڊيو تہ آءٌ هميشہ اسرائيل جو بادشاهہ ٿيان: ڇالاءِ جو هن يهوداہ کي پيشوا ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي؛ ۽ يهوداہ جي گهراڻي مان، منهنجي پيءُ جي گهر کي چونڊيو اٿس؛ ۽ منهنجي سڀني ڀائرن مان هن مون کي پسند ڪيو، تہ مون کي اسرائيل جو بادشاهہ ڪري:
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهن هوندي بہ خداوند ، بني اسرائيل جي خدا، منهنجي پيءُ جي سڄي گھراڻي مان مون کي چونڊيو تہ جيئن آءٌ هميشہ تائين بني اسرائيل مٿان بادشاهي ڪريان. پهريائين هن يهوداہ قبيلي کي اڳواڻ طور چونڊيو، پوءِ يهوداہ جي گھراڻن مان منهنجي پيءُ جي گھراڻي کي چونڊيائين ۽ ان سڄي گھراڻي مان هن بني اسرائيل مٿان بادشاهي ڪرڻ لاءِ مون کي چونڊيو.