1 Chronicles 29:21 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ ٻئي ڏينهن خداوند جي لاءِ قربانيون ذبح ڪيائون، ۽ خداوند جي لاءِ سوختني قربانيون چاڙهيائون، يعني هڪ هزار ڏاند، ۽ هڪ هزار گهٽا، ۽ هڪ هزار گهيٽا، ۽ انهن سان پيئڻ جون قربانيون، ۽ ٻيون گهڻيئي قربانيون، سڄي اسرائيل لاءِ چاڙهيائون؛
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ٻئي ڏينهن هنن خداوند جي لاءِ جانور ذبح ڪري قربانيءَ طور پيش ڪيا. هنن ساڙڻ وارين قربانين طور هي پيش ڪيا: هڪ هزار ڏاند، هڪ هزار گھٽا ۽ هڪ هزار گھيٽا. اهي قربانيون اوتڻ وارين قربانين سميت ڏنائون. هنن ٻيا بہ گھڻا ئي جانور قربانيءَ طور ذبح ڪري بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن جي کائڻ لاءِ پيش ڪيا.
Recommended Reading