1 Chronicles 7:2 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ تولع جا پٽ؛ عزي، ۽ رفاياہ، ۽ يري ايل، ۽ يحمي، ۽ ابسام، ۽ سموئيل، هي سندن ابن جي گهراڻن جا رئيس هئا، يعني تولع جا، سندن پيڙهين موجب همت وارا بهادر ماڻهو، انهن جو شمار دائود جي ڏينهن ۾ ٻاويهہ هزار ۽ ڇهہ سؤ ماڻهو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تولع جا پٽ هي هئا: عزي، رفاياہ، يريايل، يجمي، ابسام ۽ سموئيل. اهي سڀ تولع گھراڻي ۾ پنهنجي ڪٽنبن جا وڏا هئا. هو پنهنجي زماني جا مشهور جنگي جوڌا هئا ۽ دائود بادشاهہ جي ڏينهن ۾ سندن اولاد جو تعداد ٻاويهہ هزار ڇهہ سو هو.