1 Corinthians 1:10 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
هاڻي اي ڀائرو، اسان جي خداوند يسوع مسيح جي نالي اوهان کي عرض ٿو ڪريان، تہ اوهين سڀيئي هڪ ڳالهہ تي اچي بيهو: ۽ اوهان ۾ ڪي بہ جدائيون نہ پون، بلڪ اوهين يڪدل ۽ يڪراءِ ٿي پاڻ ۾ گڏجي يڪ مُشت ٿيو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان کي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي منٿ ٿو ڪريان تہ اوھين سڀيئي پاڻ ۾ يڪ راءِ ٿيو، تہ جيئن اوھان ۾ ڪابہ اڻبڻت پيدا نہ ٿئي. اوھين يڪ دل ۽ يڪ راءِ ٿي پاڻ ۾ مڪمل ٻڌي ڪريو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي نالي منٿ ٿو ڪريان تہ اوهين پاڻ ۾ هڪ راءِ ٿيو تہ جيئن اوهان ۾ ڪابہ ڌڙابندي پيدا نہ ٿئي. اهڙيءَ طرح اوهين سڀ هڪ دل ۽ هڪ راءِ ٿي مڪمل طور ٻڌيءَ سان رهو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي منٿ ٿو ڪريان تہ اوهين پاڻ ۾ هڪ راءِ ٿيو تہ جيئن اوهان ۾ ڪابہ ڌڙابندي پيدا نہ ٿئي. اهڙيءَ طرح اوهين سڀ هڪ دل ۽ هڪ راءِ ٿي مڪمل طور ٻڌيءَ سان رهو.