1 Corinthians 1:21 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڇالاءِ جو جڏهن خدا جي ڏاهپ موجب جهان پنهنجي ڏاهپ سان خدا کي نہ سڃاتو، تڏهن خدا جي اها مرضي ٿي تہ مناديءَ جي بيوَقوفيءَ جي وسيلي، ايمان آڻڻ وارن کي نجات ڏئي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڇالاءِجو خدا پنھنجي ڏاھپ سان ماڻھن لاءِ اھو ناممڪن بڻائي ڇڏيو تہ ھو پنھنجي ذاتي ڏاھپ سان کيس سڃاڻين. تنھنڪري خدا جي مرضي ٿي تہ ھو انھن کي بچائي جيڪي اسان جي پيغام تي ايمان آڻين، جيتوڻيڪ اھو پيغام دنيا جي نظر ۾ بيوقوفي آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ايشور پنهنجي ڏاهپ سان ماڻهن لاءِ اهو ناممڪن بڻائي ڇڏيو تہ هو پنهنجي ذاتي ڏاهپ سان کيس سڃاڻين. تنهن هوندي بہ ايشور جي مرضي ٿي تہ هو انهن کي بچائي جيڪي اسان جي سنديش وسيلي وشواس آڻين، جيتوڻيڪ اهو سنديش سنسار جي نظر ۾ مورکتا آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خدا پنهنجي ڏاهپ سان ماڻهن لاءِ اهو ناممڪن بڻائي ڇڏيو تہ هو پنهنجي ذاتي ڏاهپ سان کيس سڃاڻين. تنهن هوندي بہ خدا جي مرضي ٿي تہ هو انهن کي بچائي جيڪي اسان جي پيغام وسيلي ايمان آڻين، جيتوڻيڪ اهو پيغام دنيا جي نظر ۾ بيوقوفي آهي.