1 Corinthians 1:8 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
جو اوهان کي پڇاڙيءَ تائين قائم بہ رکندو، انهي لاءِ تہ اوهين اسان جي خداوند يسوع مسيح جي ڏينهن بي عيب هجو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
خدا اوھان کي پڇاڙيءَ تائين قائم بہ رکندو، انھيءَ لاءِ تہ جيئن اوھين اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي ڏينھن بيداغ ٺھرايا وڃو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اسان جو پرڀو يسوع مسيح اوهان کي پڇاڙيءَ تائين وشواس ۾ قائم بہ رکندو، انهيءَ لاءِ تہ جيئن اوهين سندس اچڻ واري ڏينهن تي بيالزام قرار ڏنا وڃو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اسان جو خداوند عيسيٰ مسيح اوهان کي پڇاڙيءَ تائين ايمان ۾ قائم بہ رکندو، انهيءَ لاءِ تہ جيئن اوهين سندس اچڻ واري ڏينهن تي بيالزام قرار ڏنا وڃو.