1 Corinthians 10:16 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
جنهن برڪت جي پيالي تي اسين برڪت ٿا گهُرون، سو مسيح جي رت جي شراڪت ناهي ڇا؟ جيڪا ماني اسين ڀڃون ٿا، سا مسيح جي بدن جي شراڪت ناهي ڇا؟
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جڏھن اسين خداوند جي موت جي ياد ۾ پيالو پيئندي سندس شڪرانو ٿا ادا ڪريون، تڏھن مسيح جي رت ۾ شريڪ نہ آھيون ڇا؟ ۽ جڏھن اسين ماني ڀڃي کائون ٿا، تڏھن مسيح جي بدن ۾ شريڪ نہ آھيون ڇا؟
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جڏهن اسين مسيح جي موت جي ياد ۾ پيالو پيئندي ايشور جي مهما ٿا ڪريون، تڏهن اها مسيح جي رت ۾ شموليت نہ آهي ڇا؟ ۽ جڏهن اسين روٽي ڀڃي کائون ٿا، تڏهن اها مسيح جي شرير ۾ شموليت نہ آهي ڇا؟
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن اسين مسيح جي موت جي ياد ۾ پيالو پيئندي خدا جي واکاڻ ٿا ڪريون، تڏهن اها مسيح جي رت ۾ شراڪت نہ آهي ڇا؟ ۽ جڏهن اسين ماني ڀڃي کائون ٿا، تڏهن اها مسيح جي بدن ۾ شراڪت نہ آهي ڇا؟