1 Corinthians 10:19 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
تڏهن آئون ڇا ٿو چوان؟ ائين ٿو چوان ڇا تہ بُتن جي قرباني بہ ڪا شيءِ آهي، يا بُت بہ ڪا شيءِ آهي؟
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
منھنجي چوڻ جو مقصد ھي ناھي تہ جيڪو کاڌو بتن تي قربان ڪجي ٿو سو ڪا شيءِ آھي يا بت پاڻ ڪا شيءِ آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
منهنجي چوڻ جو مقصد هي ناهي تہ جيڪو ٻليدان بتن تي ڪيو وڃي ٿو سو ڪا حيثيت رکي ٿو يا بت پاڻ ڪا حيثيت رکن ٿا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
منهنجي چوڻ جو مقصد هي ناهي تہ جيڪا قرباني بتن تي ڪئي وڃي ٿي سا ڪا حيثيت رکي ٿي يا بت پاڻ ڪا حيثيت رکن ٿا.