1 Corinthians 10:20 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
نہ، بلڪ آئون چوان ٿو تہ جيڪي شيون غير قومون قرباني ٿيون ڪن، سي خدا جي لاءِ قربانيون نہ ٿيون ڪن، پر ڀوتن جي لاءِ ٿيون ڪن. ۽ منهنجي مرضي ناهي تہ اوهين ڀوتن جا ڀائيوار ٿيو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
نہ، بلڪ منھنجو مقصد ھي آھي تہ جيڪي بتن تي قربانيون ڪيون وڃن ٿيون سي ڀوتن لاءِ آھن، نہ خدا لاءِ. سو آءٌ نہ ٿو چاھيان تہ اوھين ڀوتن سان شريڪ ٿيو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
نہ، بلڪ منهنجي چوڻ جو مقصد هي آهي تہ جيڪي بتن تي ٻليدان ڪن ٿا سي ڀوتن لاءِ ٿا ڪن، نہ ايشور لاءِ. سو آءٌ نہ ٿو چاهيان تہ اوهين ڀوتن سان شامل ٿيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
نہ، بلڪ منهنجي چوڻ جو مقصد هي آهي تہ جيڪي بتن تي قربانيون ڪن ٿا سي ڀوتن لاءِ ٿا ڪن، نہ خدا لاءِ. سو آءٌ نہ ٿو چاهيان تہ اوهين ڀوتن سان شامل ٿيو.