1 Corinthians 10:27 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
جن ايمان نہ آندو آهي تن مان جيڪڏهن ڪو اوهان کي دعوت ڏئي، ۽ اوهين وڃڻ لاءِ راضي هجو، تہ جيڪي اوهان جي اڳيان رکيو وڃي سو کائو، ۽ ضمير خاطر ڪوبہ سوال نہ پڇو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيڪڏھن ڪو غير مسيحي اوھان کي مانيءَ جي دعوت ڏئي ۽ اوھين قبول ڪريو تہ جيڪي ڪجھہ اوھان جي اڳيان رکيو وڃي، سو کائو ۽ پنھنجي ضمير خاطر ڪوبہ سوال نہ پڇو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيڪڏهن ڪو غير وشواسي اوهان کي رسوئيءَ جي دعوت ڏئي ۽ اوهين قبول ڪريو تہ جيڪي ڪجھہ اوهان جي اڳيان رکيو وڃي، سو کائو ۽ انهيءَ جي جائز يا ناجائز هجڻ بابت دل ۾ سوچ ويچار نہ ڪريو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪڏهن ڪو غير ايمان وارو اوهان کي مانيءَ جي دعوت ڏئي ۽ اوهين قبول ڪريو تہ جيڪي ڪجھہ اوهان جي اڳيان رکيو وڃي، سو کائو ۽ انهيءَ جي جائز يا ناجائز هجڻ بابت دل ۾ سوچ ويچار نہ ڪريو.