1 Corinthians 10:7 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
نڪي اوهين بُت پرست ٿيو، جهڙا هنن مان ڪي ٿيا هئا، جيئن ڪ لکيل آهي تہ ”ماڻهو کائڻ پيئڻ ويٺا ۽ نچڻ ٽپڻ اُٿيا.“
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
نڪي اوھين بت⁠پرست ٿيو جيئن انھن مان ڪي ٿيا. ڇالاءِ⁠جو لکيل آھي تہ ”ماڻھو کائڻ پيئڻ لاءِ ويٺا، ۽ بي⁠شرميءَ سان نچڻ ٽپڻ لاءِ اٿيا.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تنهنڪري اسان کي گھرجي تہ بتن جا پوجاري نہ ٿيون جهڙيءَ طرح انهن مان ڪي ٿيا، جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”ماڻهو کائڻ پيئڻ لاءِ ويٺا ۽ پوءِ اٿي نچڻ ٽپڻ ۽ عياشيءَ ۾ لڳي ويا.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهنڪري اسان کي گھرجي تہ بت‌پرست نہ ٿيون جهڙيءَ طرح انهن مان ڪي ٿيا، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”ماڻهو کائڻ پيئڻ لاءِ ويٺا ۽ پوءِ اٿي نچڻ ٽپڻ ۽ عياشيءَ ۾ لڳي ويا.“