1 Corinthians 11:25 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
ساڳيءَ طرح ماني کائڻ کان پوءِ هن پيالو بہ کنيو، ۽ چيائين تہ هي پيالو منهنجي رت ۾ نئون عهد آهي؛ جڏهن بہ اوهين اهو پيئو، منهنجي يادگيريءَ ۾ ائين ڪندا رهجو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اھڙيءَ طرح ھن کائڻ کان پوءِ پيالو بہ ورتو ۽ چيائين تہ ”ھيءُ پيالو اھو نئون عھد آھي جيڪو منھنجي رت جي وسيلي ڪيو ويو آھي. جڏھن بہ اھو پيئو تہ منھنجي يادگيريءَ لاءِ ائين ڪندا رھجو.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اهڙيءَ طرح هن رسوئي کائڻ کان پوءِ مئي جو پيالو بہ کنيو ۽ چيائين تہ ”هي پيالو اهو نئون وچن آهي، جيڪو منهنجي رت جي وسيلي ٻڌو وڃي ٿو. جڏهن بہ اهو پيالو پيئو تہ منهنجي يادگيريءَ لاءِ ائين ڪندا رهجو.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اهڙيءَ طرح هن ماني کائڻ کان پوءِ مئي جو پيالو بہ کنيو ۽ چيائين تہ ”هي پيالو اهو نئون عهد آهي، جيڪو منهنجي رت جي وسيلي ٻڌو وڃي ٿو. جڏهن بہ اهو پيالو پيئو تہ منهنجي يادگيريءَ لاءِ ائين ڪندا رهجو.“