1 Corinthians 11:29 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڇالاءِ تہ جيڪو کائي پيئي ٿو، سو جي خداوند جي بدن جو خيال نٿو رکي، تہ پنهنجي لاءِ سزا ٿو ڪمائي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڇالاءِجو جيڪو شخص کائي پيئي ٿو پر خداوند جي بدن جي صحيح سڃاڻپ نہ ٿو رکي، سو انھيءَ کائڻ پيئڻ ۾ پنھنجي لاءِ سزا ٿو ڪمائي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ياد رکو، جيڪو شخص اها روٽي کائڻ ۽ اهو پيالو پيئڻ وقت پرڀو يسوع جي شرير جي صحيح سڃاڻپ نہ ٿو رکي، سو انهيءَ کائڻ پيئڻ ۾ پاپي قرار ڏنو وڃڻ جو پاڻ سبب ٿو بڻجي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ياد رکو، جيڪو شخص اها ماني کائڻ ۽ اهو پيالو پيئڻ وقت خداوند عيسيٰ جي بدن جي صحيح سڃاڻپ نہ ٿو رکي، سو انهيءَ کائڻ پيئڻ ۾ گنهگار قرار ڏنو وڃڻ جو پاڻ سبب ٿو بڻجي.