1 Corinthians 11:5 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر جيڪا زال پنهنجو مٿو اُگهاڙو ڪري دعا ٿي گهُري، يا نبوت ٿي ڪري، سا پنهنجي مٿي کي بي آبرو ٿي ڪري؛ ڇالاءِ جو ائين ڪرڻ اهڙو آهي جهڙو ڄڻ تہ انهي زال جو مٿو ڪُوڙيل آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيڪا عورت پنھنجو سر اگھاڙو ڪري دعا ٿي گھري يا خدا جو ڪلام ٿي ٻڌائي، سا پنھنجي سر جي بيحرمتي ٿي ڪري. اھو ائين آھي جيئن ڪنھن عورت جو مٿو ڪوڙيل ھجي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيڪا ناري مٿي اگھاڙي پرارٿنا ٿي ڪري يا ايشور جو سنديش ٿي ٻڌائي، سا پنهنجي مٿي جو اپمان ٿي ڪري. اهو ڄڻ تہ سندس مٿي ڪوڙائڻ جي برابر آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪا عورت مٿي اگھاڙي دعا ٿي گھري يا خدا جو پيغام ٿي ٻڌائي، سا پنهنجي مٿي جي بيحرمتي ٿي ڪري. اهو ڄڻ تہ سندس مٿي ڪوڙائڻ جي برابر آهي.