1 Corinthians 12:10 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ ڪنهن کي معجزن ڪرڻ جون طاقتون، ڪنهن کي نبوت، ڪنهن کي روحن جي سياڻپ، ڪنهن کي طرح طرح جون ٻوليون، ۽ ڪنهن کي ٻولين جو ترجمو ڪرڻ،
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پاڪ روح ڪنھن کي معجزن ڪرڻ جي طاقت ڏئي ٿو تہ ڪنھن کي پيغام ٻڌائڻ جي نعمت بخشي ٿو. ڪنھن کي سچن ۽ ڪوڙن روحن کي سڃاڻڻ جي لياقت ڏئي ٿو تہ ڪنھن کي قسمين قسمين ٻوليون ڳالھائڻ جي لياقت ڏئي ٿو ۽ ڪنھن کي انھن ٻولين جي ترجمي ڪرڻ جي قابليت ڏئي ٿو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پوِتر آتما ڪنهن کي چمتڪار ڪرڻ جي شڪتي ڏئي ٿي تہ ڪنهن کي ايشور جو سنديش ٻڌائڻ جو وردان ٿي بخشي. ڪنهن کي سچين ۽ ڪوڙين آتمائن کي سڃاڻڻ جي شڪتي ڏئي ٿي تہ ڪنهن کي اڻڄاتل ٻوليون ڳالهائڻ جي ۽ ڪنهن کي انهن ٻولين جي ترجمي ڪرڻ جي قابليت ڏئي ٿي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پاڪ روح ڪنهن کي معجزن ڪرڻ جي طاقت ڏئي ٿو تہ ڪنهن کي خدا جو پيغام ٻڌائڻ جي نعمت ٿو بخشي. ڪنهن کي سچن ۽ ڪوڙن روحن کي سڃاڻڻ جي لياقت ڏئي ٿو تہ ڪنهن کي اڻڄاتل ٻوليون ڳالهائڻ جي ۽ ڪنهن کي انهن ٻولين جي ترجمي ڪرڻ جي قابليت ڏئي ٿو.