1 Corinthians 12:13 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڇو جو اسان سڀني کي هڪڙي ئي روح جي ڪري هڪڙي ئي بدن ۾ بپتسما ملي، پوءِ ڇا يهودي، ڇا يوناني، ڇا غلام، ڇا آزاد، ۽ سڀني کي هڪڙي ئي روح مان پياريو ويو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جھڙيءَ طرح اسان سڀني کي ھڪڙي ئي پاڪ روح جي وسيلي ھڪڙي ئي بدن ۾ بپتسما ملي آھي، توڙي جو ڪي يھودي، ڪي غير يھودي، ڪي غلام تہ ڪي آزاد ھئا، پر اسان سڀني کي ھڪڙو ئي پاڪ روح اندر ۾ ڏنو ويو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيتوڻيڪ اسين ڪي يهودي، ڪي غير يهودي، ڪي غلام تہ ڪي آزاد هئاسين، تہ بہ اسان سڀني کي هڪڙي ئي پوِتر آتما جي وسيلي هڪڙي شرير ٿيڻ لاءِ بپتسما ملي ۽ اها هڪڙي ئي پوِتر آتما اسان سڀني کي پيئاري ويئي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيتوڻيڪ اسين ڪي يهودي، ڪي غير يهودي ، ڪي غلام تہ ڪي آزاد هئاسين، تہ بہ اسان سڀني کي هڪڙي ئي پاڪ روح جي وسيلي هڪڙي بدن ٿيڻ لاءِ بپتسما ملي ۽ اهو هڪڙو ئي پاڪ روح اسان سڀني کي پيئاريو ويو.