1 Corinthians 12:3 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
تنهنڪري آئون اوهان کي چتايان ٿو تہ جيڪو خدا جي روح جي هدايت سان ٿو ڳالهائي، سو ائين نٿو چوي تہ يسوع لعنتي آهي، نہ وري ڪو ماڻهو پاڪ روح کان سواءِ چئي سگهي ٿو تہ يسوع خداوند آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تنھنڪري آءٌ اوھان کي سمجھائڻ گھران ٿو تہ خدا جي روح جي اثر ھيٺ ڪوبہ نہ چوندو تہ عيسيٰ لعنتي آھي ۽ نہ وري ڪو پاڪ روح کان سواءِ چئي سگھندو تہ عيسيٰ خداوند آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تنهنڪري آءٌ اوهان کي سمجھائڻ گھران ٿو تہ ايشور جي آتما جي اثر هيٺ ڪوبہ نہ چوندو تہ يسوع لعنتي آهي ۽ نہ وري ڪو پوِتر آتما کان سواءِ چئي سگھندو تہ يسوع ئي پرڀو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهنڪري آءٌ اوهان کي سمجھائڻ گھران ٿو تہ خدا جي روح جي اثر هيٺ ڪوبہ نہ چوندو تہ عيسيٰ لعنتي آهي ۽ نہ وري ڪو پاڪ روح کان سواءِ چئي سگھندو تہ عيسيٰ ئي خداوند آهي.