1 Corinthians 13:12 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڇالاءِ جو هاڻي اسين آرسيءَ ۾ جهڪيءَ طرح ٿا ڏسون، پوءِ منهن مقابل ڏسنداسين. هاڻي آئون ٿورو ٿورو ٿو سڃاڻان، پوءِ آئون اهڙيءَ طرح سڃاڻيندس، جهڙي طرح آئون پاڻ سڃاتو ويو آهيان.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھاڻي اسين ڄڻ تہ آئيني ۾، چٽيءَ طرح نہ ٿا ڏسي سگھون، پر پوءِ روبرو ڏسنداسين. ھاڻي آءٌ ٿورو ٿورو سڃاڻان ٿو، پر پوءِ آءٌ پوريءَ طرح سڃاڻيندس، جھڙيءَ طرح خدا مون کي سڃاتو آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ساڳيءَ طرح هن وقت اسان کي ڄڻ تہ آئيني ۾ چٽيءَ طرح ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي، پر ڪو وقت ايندو جڏهن روبرو ڏسنداسين. هن وقت آءٌ ٿورو ٿورو ڄاڻان ٿو، پر ڪو وقت ايندو جڏهن آءٌ پوريءَ طرح ڄاڻيندس، جيئن ايشور مون کي پوريءَ طرح ڄاڻي ورتو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ساڳيءَ طرح هن وقت اسان کي ڄڻ تہ آئيني ۾ چٽيءَ طرح ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي، پر ڪو وقت ايندو جڏهن روبرو ڏسنداسين. هن وقت آءٌ ٿورو ٿورو ڄاڻان ٿو، پر ڪو وقت ايندو جڏهن آءٌ پوريءَ طرح ڄاڻيندس، جيئن خدا مون کي پوريءَ طرح ڄاڻي ورتو آهي.