1 Corinthians 14:12 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
تنهنڪري اوهين بہ، جن کي روحاني نعمتن جي آرزو آهي، سي اها ڪوشش ڪريو تہ اوهان جي نعمتن جي وڌڻ ڪري ڪليسيا جو سڌارو ٿئي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
سو اوھان، جن کي پاڪ روح جي نعمتن جي آرزو آھي، سي اھا ڪوشش ڪريو تہ اوھان جي روحاني نعمتن جي بھتر استعمال ڪري ڪليسيا جو سڌارو ٿئي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اهو اوهان تي بہ لاڳو آهي. سو جيئن اوهين پوِتر آتما کان ملندڙ وردانن جي تمنا رکو ٿا، تيئن اها ڪوشش بہ ڪريو تہ اوهان جي انهن وردانن جي استعمال سان منڊليءَ جي آتمڪ ترقي ٿئي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اهو اوهان تي بہ لاڳو آهي. سو جيئن اوهين پاڪ روح کان ملندڙ نعمتن جي تمنا رکو ٿا، تيئن اها ڪوشش بہ ڪريو تہ اوهان جي انهن نعمتن جي استعمال سان ڪليسيا جي روحاني ترقي ٿئي.