1 Corinthians 14:16 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
نہ تہ جي تون فقط روح سان دعا ڪندين تہ جيڪو ناواقف آهي سو تنهنجي شڪرگذاريءَ ڪرڻ تي ڪيئن آمين چوندو، جڏهن جيڪي تون چوين ٿو سو هو نٿو سمجهي؟
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر جيڪڏھن تون رڳو روح سان دعا گھرندين تہ جنھن کي معنيٰ نہ ٿي اچي سو تنھنجي شڪراني جي دعا گھرڻ تي ڪيئن آمين چوندو؟ ڇاڪاڻتہ تون جيڪي چوين ٿو سو ھو سمجھي ئي ڪونہ ٿو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ڏسو، جيڪڏهن اوهان مان ڪو رڳو آتما سان ايشور جي مهما ڪندو تہ ٻيو ماڻهو جيڪو اها ٻولي نہ ٿو ڄاڻي سو شڪرگذاريءَ تي ”آمين“ ڪيئن چوندو؟ هن کي تہ ڪجھہ سمجھہ ۾ ئي ڪونہ آيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ڏسو، جيڪڏهن اوهان مان ڪو رڳو روح سان خدا جي واکاڻ ڪندو تہ ٻيو ماڻهو جيڪو اها ٻولي نہ ٿو ڄاڻي سو شڪرگذاريءَ تي ” آمين “ ڪيئن چوندو؟ هن کي تہ ڪجھہ سمجھہ ۾ ئي ڪونہ آيو.