1 Corinthians 14:2 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڇالاءِ تہ جيڪو نامعلوم ٻوليءَ ۾ ڳالهائي ٿو، سو ماڻهن سان نٿو ڳالهائي، پر خدا سان ٿو ڳالهائي؛ هن ڪري جو ڪوبہ ماڻهو اها ٻولي نٿو سمجهي، مگر هو تہ روح جي ڪري ڳُجهيون ڳالهيون ٿو ڪري.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيڪو عجيب ٻوليءَ ۾ ڳالھائي ٿو سو ماڻھن سان نہ پر خدا سان ڳالھائي ٿو، ڇاڪاڻ⁠تہ ڪوبہ سندس ڳالھہ نہ ٿو سمجھي. ھو روح جي وسيلي ڳجھيون ڳالھيون ٿو ڳالھائي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيڪو اڻ‌ڄاتل ٻوليءَ ۾ ڳالهائي ٿو سو ماڻهن سان نہ، پر رڳو ايشور سان ڳالهائي ٿو. ڪوبہ ماڻهو سندس ڳالهہ نہ ٿو سمجھي، ڇاڪاڻ تہ هو پوِتر آتما جي وسيلي ڳجھيون ڳالهيون ٿو ڳالهائي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيڪو اڻ‌ڄاتل ٻوليءَ ۾ ڳالهائي ٿو سو ماڻهن سان نہ، پر رڳو خدا سان ڳالهائي ٿو. ڪوبہ ماڻهو سندس ڳالهہ نہ ٿو سمجھي، ڇاڪاڻ تہ هو پاڪ روح جي وسيلي ڳجھيون ڳالهيون ٿو ڳالهائي.