1 Corinthians 14:21 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
شريعت ۾ لکيل آهي تہ خداوند فرمائي ٿو تہ ”آئون ڌارين ماڻهن جي ٻولين ۽ ڌارين ماڻهن جي واتان هن اُمت سان ڳالهائيندس، تہ بہ هو منهنجي نہ ٻُڌندا.“
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
شريعت ۾ لکيل آھي تہ ”آءٌ ھن قوم سان ڌاريون ٻوليون، ۽ ڌارين ماڻھن جي واتان ڳالھائيندس، تہ بہ ھو منھنجي نہ ٻڌندا.“ ھي خداوند فرمائي ٿو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”توڙي جو آءٌ هن قوم سان ڌاريون ٻوليون، ۽ ڌارين ماڻهن جي واتان ڳالهائيندس، تہ بہ هو منهنجي نہ ٻڌندا. اهو آءٌ پرميشور ٿو چوان.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”توڙي جو آءٌ هن قوم سان ڌاريون ٻوليون، ۽ ڌارين ماڻهن جي واتان ڳالهائيندس، تہ بہ هو منهنجي نہ ٻڌندا. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.“