1 Corinthians 14:22 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
تنهنڪري ٻوليون ايمان وارن جي لاءِ نہ پر جيڪي ايمان وارا نہ آهن تن لاءِ نشان آهن، ۽ نبوت انهن لاءِ نشان نہ آهي جيڪي ايمان وارا نہ آهن، پر انهن لاءِ آهي، جيڪي ايمان وارا آهن.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تہ پوءِ عجيب ٻوليون ايمان وارن لاءِ نہ پر انھن لاءِ نشان آھن، جيڪي ايمان نہ ٿا آڻين ۽ خدا جو ڪلام ٻڌائڻ ايمان نہ آڻيندڙن لاءِ نہ، بلڪ ايمان وارن لاءِ نشان آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو تہ اڻ‌ڄاتل ٻوليون مسيح تي وشواس رکندڙن لاءِ نہ، پر انهن لاءِ نشان آهن جيڪي وشواس نہ ٿا رکن، جڏهن تہ ايشور جو سنديش ٻڌائڻ وشواس نہ رکندڙن لاءِ نہ، پر وشواس رکندڙن لاءِ نشان آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو تہ اڻ‌ڄاتل ٻوليون مسيح تي ايمان رکندڙن لاءِ نہ، پر انهن لاءِ نشان آهن جيڪي ايمان نہ ٿا رکن، جڏهن تہ خدا جو پيغام ٻڌائڻ ايمان نہ رکندڙن لاءِ نہ، پر ايمان رکندڙن لاءِ نشان آهي.