1 Corinthians 14:24 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
پر جيڪڏهن سڀ نبوت ڪندا ۽ ڪو بي دين يا اوپرو ماڻهو اندر لنگهي ايندو، تہ سڀيئي هن کي قائل ڪندا ۽ کيس پرکي وٺندا،
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر جيڪڏھن سڀيئي خدا جو ڪلام ٻڌائيندا ۽ ڪو ايمان نہ آڻيندڙ يا اوپرو ماڻھو اندر لنگھي ايندو تہ اھو ٻڌي ھن کي پاڻ ۾ گناھہ نظر ايندا ۽ پرکجي ويندو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پر جيڪڏهن سڀيئي ايشور جو سنديش ٻڌائيندا هجن ۽ ڪو غير وشواسي يا اوپرو ماڻهو اندر لنگھي اچي تہ اوهان جو سنديش ٻڌي مڃي وٺندو تہ هو پاپي آهي، ائين هو پاڻ کي پرکي وٺندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر جيڪڏهن سڀيئي خدا جو پيغام ٻڌائيندا هجن ۽ ڪو غير ايمان وارو يا اوپرو ماڻهو اندر لنگھي اچي تہ اوهان جو پيغام ٻڌي قائل ٿي ويندو تہ هو گنهگار آهي، ائين هو پاڻ کي پرکي وٺندو.