1 Corinthians 14:26 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
تڏهن اي ڀائرو ڇا؟ جيڪڏهن اوهين گڏ ٿيو ٿا، تڏهن ڪو زبور ٿو ڳائي، ڪو تعليم ٿو ڏئي، ڪو مڪاشفو ٿو ظاهر ڪري، ڪو نامعلوم ٻولي ٿو ڳالهائي، ۽ ڪو سمجهاڻي ٿو ڏئي، پر اهي سڀ ڳالهيون سڌاري لاءِ هئڻ گهرجن.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تہ پوءِ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آخر ڇا ڪجي؟ جڏھن اوھين گڏ ٿيو تڏھن ڪو گيت ڳائي، ڪو تعليم ڏئي، ڪو خدا جو ظاھر ڪيل پيغام ٻڌائي، ڪو عجيب ٻولي ڳالھائي ۽ ڪو ان جو ترجمو ڪري سمجھائي. پر سڀ ڳالھيون ڪليسيا جي سڌاري لاءِ ھجڻ گھرجن.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تہ پوءِ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟ اهو ئي تہ جڏهن اوهين گڏ ٿيو تڏهن هر ڪو ڪجھہ نہ ڪجھہ ڪري، ڪو ڀڄن ڳائي، ڪو سکيا ڏئي، ڪو آڪاشواڻي ٻڌائي، ڪو اڻڄاتل ٻولي ڳالهائي يا ڪو ان جو ترجمو ڪري سمجھائي. پر اهو لازمي آهي تہ سڀ ڳالهيون منڊليءَ جي آتمڪ ترقيءَ لاءِ هجن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تہ پوءِ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟ اهو ئي تہ جڏهن اوهين گڏ ٿيو تڏهن هر ڪو ڪجھہ نہ ڪجھہ ڪري، ڪو گيت ڳائي، ڪو تعليم ڏئي، ڪو مڪاشفو ٻڌائي، ڪو اڻڄاتل ٻولي ڳالهائي يا ڪو ان جو ترجمو ڪري سمجھائي. پر اهو لازمي آهي تہ سڀ ڳالهيون ڪليسيا جي روحاني ترقيءَ لاءِ هجن.