1 Corinthians 14:37 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
جيڪڏهن ڪو پاڻ کي نبي يا روحاني ماڻهو سمجهي، تہ ڄاڻي تہ جيڪي ڳالهيون آئون اوهان ڏانهن لکان ٿو، سي خداوند جا حڪم آهن.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيڪڏھن ڪو سمجھي ٿو تہ ھو خدا جو پيغام ٻڌائي سگھي ٿو، يا کيس روحاني نعمت مليل آھي تہ ان کي ڄاڻڻ کپي تہ جيڪي آءٌ لکان ٿو سي خداوند جا حڪم آھن.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيڪڏهن ڪو سمجھي ٿو تہ هو ايشور جو سنديش ٻڌائيندڙ يا ڪا خاص آتمڪ حيثيت رکندڙ آهي تہ کيس ڄاڻڻ کپي تہ جيڪي ڪجھہ آءٌ اوهان کي لکان ٿو سو پرڀو يسوع جو حڪم آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪڏهن ڪو سمجھي ٿو تہ هو خدا جو پيغام ٻڌائيندڙ يا ڪا خاص روحاني حيثيت رکندڙ آهي تہ کيس ڄاڻڻ کپي تہ جيڪي ڪجھہ آءٌ اوهان کي لکان ٿو سو خداوند عيسيٰ جو حڪم آهي.