1 Corinthians 14:5 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
جيتوڻيڪ منهنجي مرضي آهي تہ اوهين سڀ نامعلوم ٻوليون ڳالهايو، پر بهتر ائين آهي تہ نبوت ڪريو. ۽ جيڪو نامعلوم ٻوليون ٿو ڳالهائي سو جيڪڏهن ڪليسيا جي سڌاري لاءِ ترجمو نہ ڪري سگهي، تہ انهي کان نبوت ڪندڙ وڏو آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
منھنجي مرضي آھي تہ اوھين سڀيئي عجيب ٻوليون ڳالھايو، پر وڌيڪ سٺو ائين آھي تہ خدا جو ڪلام ٻڌايو. جيڪو عجيب ٻوليون ٿو ڳالھائي سو جيڪڏھن ڪليسيا جي سڌاري لاءِ انھيءَ جو ترجمو نہ ٿو ڪري تہ انھيءَ کان خدا جو ڪلام ٻڌائيندڙ وڌيڪ سٺو آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيڪڏهن اوهين سڀيئي اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهايو تہ مون کي خوشي ٿيندي، پر وڌيڪ خوشي انهيءَ ڳالهہ کان ٿيندي جو اوهين سڀيئي ايشور جو سنديش ٻڌايو. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيڪڏهن ڪو اڻ‌ڄاتل ٻوليون ٿو ڳالهائي پر منڊليءَ جي آتمڪ ترقيءَ لاءِ انهن جو ترجمو نہ ٿو ڪري تہ ايشور جو سنديش ٻڌائڻ وارو انهيءَ کان وڌيڪ اهم آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪڏهن اوهين سڀيئي اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهايو تہ مون کي خوشي ٿيندي، پر وڌيڪ خوشي انهيءَ ڳالهہ کان ٿيندي جو اوهين سڀيئي خدا جو پيغام ٻڌايو. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيڪڏهن ڪو اڻ‌ڄاتل ٻوليون ٿو ڳالهائي پر ڪليسيا جي روحاني ترقيءَ لاءِ انهن جو ترجمو نہ ٿو ڪري تہ خدا جو پيغام ٻڌائڻ وارو انهيءَ کان وڌيڪ اهم آهي.