1 Corinthians 14:6 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
پر هاڻي اي ڀائرو، جيڪڏهن آئون اوهان وٽ اچي نامعلوم ٻولين ۾ ڳالهايان، پر مڪاشفي، يا علم، يا نبوت، يا تعليم جي رستي نہ ڳالهايان، تہ آئون اوهان کي ڪهڙو فائدو رسائيندس؟
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏھن آءٌ اوھان وٽ اچان ۽ عجيب ٻوليون ڳالھايان تہ اوھان کي ڪھڙو فائدو پھچائيندس، جيستائين آءٌ اوھان سان ڪنھن مڪاشفي، يا علم، يا خدا جي ڪلام، يا تعليم جي وسيلي نہ ڳالھايان.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏهن آءٌ اوهان وٽ اچان ۽ رڳو اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهايان تہ اوهان کي ڪهڙو فائدو ٿيندو، جيستائين آءٌ اوهان کي آڪاش‌واڻي، ڄاڻ، سکيا يا ايشور جو سنديش نہ ٻڌايان.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏهن آءٌ اوهان وٽ اچان ۽ رڳو اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهايان تہ اوهان کي ڪهڙو فائدو ٿيندو، جيستائين آءٌ اوهان کي مڪاشفو، ڄاڻ، تعليم يا خدا جو پيغام نہ ٻڌايان.