1 Corinthians 15:2 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جنهن جي ڪري اوهان کي نجات ملي آهي؛ بشرطيڪ جيڪا خوشخبري مون اوهان کي ٻُڌائي هئي، تنهن تي اوهين قائم رهو، نہ تہ اوهان جو ايمان آڻڻ اجايو ٿيو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اھا ئي خوشخبري آھي جا اوھان کي ٻڌائي ھيم. انھيءَ جي وسيلي اوھان کي نجات ملي ٿي، بشرطيڪ اوھين انھيءَ تي مضبوطيءَ سان پابند آھيو، نہ تہ اوھان جو ايمان آڻڻ اجايو آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهيءَ جي ئي وسيلي اوهان کي مڪتي ملي ٿي، بشرطيڪ جيڪا خوشخبري اوهان کي ٻڌائي هئم، تنهن تي جيئن جو تيئن پابند رهندا اچو، نہ تہ اوهان جو وشواس آڻڻ بنا ڪنهن سوچ سمجھہ جي آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ جي ئي وسيلي اوهان کي ڇوٽڪارو ملي ٿو، بشرطيڪ جيڪا خوشخبري اوهان کي ٻڌائي هئم، تنهن تي جيئن جو تيئن پابند رهندا اچو، نہ تہ اوهان جو ايمان آڻڻ بنا ڪنهن سوچ سمجھہ جي آهي.