1 Corinthians 15:23 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر سڀڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي واري سان، پهريون ڦل مسيح، پوءِ سندس اچڻ تي جيڪي مسيح جا آهن.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر ھر ڪو پنھنجي واري تي جياريو ويندو. ان جو پھريون ڦل مسيح آھي جيڪو جيئرو ٿي اٿيو آھي ۽ پوءِ ان جي وري اچڻ سان اُھي جيئرا ٿي اٿندا جيڪي مسيح جا آھن.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پر هر ڪو پنهنجي واري تي جيوت ڪيو ويندو. ان جو پهريون ڦل مسيح آهي ۽ پوءِ سندس موٽي اچڻ تي اهي جيوت ڪيا ويندا جيڪي مسيح جا آهن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر هر ڪو پنهنجي واري تي جيئرو ڪيو ويندو. ان جو پهريون ڦل مسيح آهي ۽ پوءِ سندس موٽي اچڻ تي اهي جيئرا ڪيا ويندا جيڪي مسيح جا آهن.