1 Corinthians 15:24 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
انهي کان پوءِ آخرت ايندي، جڏهن هو سڀ حڪومت، ۽ سڀ اختياري، ۽ سڀ طاقت نيست ڪري بادشاهت خدا کي، يعني پيءُ کي سونپي ڏيندو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پوءِ آخرت ٿيندي ۽ مسيح ھر حڪومت، ھر اختياريءَ ۽ طاقت کي برباد ڪري بادشاھت خدا يعني پيءُ جي حوالي ڪندو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهيءَ کان پوءِ انت ٿيندو، جڏهن مسيح هر حڪومت، هر اختياريءَ ۽ شڪتيءَ کي ختم ڪري راڄ ايشور يعني پتا جي حوالي ڪري ڇڏيندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ کان پوءِ آخرت ٿيندي، جڏهن مسيح هر حڪومت، هر اختياريءَ ۽ طاقت کي ختم ڪري بادشاهي خدا يعني پيءُ جي حوالي ڪري ڇڏيندو.