1 Corinthians 15:27 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڇالاءِ جو خدا سڀ ڪجهہ هن جي پيرن هيٺ ڪيو آهي. پر جڏهن هو چوي ٿو تہ سڀ ڪجهہ سندس تابع ڪيو ويو آهي، تڏهن ايترو ظاهر آهي تہ جنهن سڀ ڪجهہ هن جي تابع ڪيو سو ڌار رهيو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڇالاءِ⁠جو پاڪ ڪتابن ۾ لکيل آھي تہ ”خدا ھر ڪا شيءِ سندس قدمن ھيٺان ڪئي.“ ھاڻي جڏھن ائين چئجي ٿو تہ ھر ڪا شيءِ سندس ھٿ ھيٺ ڪئي ويئي آھي تہ ظاھر آھي تہ ان ۾ خدا پاڻ شامل نہ آھي، جنھن سڀڪا شيءِ مسيح جي ھٿ ھيٺ ڪئي آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اهو ئي پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”ايشور سڀني شين کي سندس قدمن هيٺان ڪري ڇڏيو آهي.“ هاڻي جڏهن ائين چئجي ٿو تہ سڀڪا شيءِ سندس وس هيٺ ڪئي ويئي آهي تہ ظاهر آهي تہ ان ۾ ايشور پاڻ شامل نہ آهي، جنهن سڀڪا شيءِ مسيح جي وس هيٺ ڪئي آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اهو ئي پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”خدا سڀني شين کي سندس قدمن هيٺان ڪري ڇڏيو آهي.“ هاڻي جڏهن ائين چئجي ٿو تہ سڀڪا شيءِ سندس وس هيٺ ڪئي ويئي آهي تہ ظاهر آهي تہ ان ۾ خدا پاڻ شامل نہ آهي، جنهن سڀڪا شيءِ مسيح جي وس هيٺ ڪئي آهي.