1 Corinthians 15:50 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر هاڻي اي ڀائرو، آئون هيئن ٿو چوان، تہ گوشت ۽ خون خدا جي بادشاهت جا وارث ٿي ڪين سگهندا، نڪي جيڪي فاني آهي سو بقا جو وارث ٿي سگهندو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اي ڀائرو ۽ ڀينرون! منھنجي چوڻ جو مطلب آھي تہ خاڪي جسم وارو خدا جي بادشاھت جو وارث نہ ٿي سگھندو ۽ نہ ئي فاني، غير فانيءَ جو وارث بڻجي سگھي ٿو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اي ڀائرو ۽ ڀينرون! منهنجي چوڻ جو مطلب آهي تہ مٽيءَ جي شرير وارو ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ جو حقدار نہ ٿو ٿي سگھي. هائو، جيڪو ناس ٿيندڙ آهي سو ابناسي شين جو وارث بڻجي نہ ٿو سگھي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اي ڀائرو ۽ ڀينرون! منهنجي چوڻ جو مطلب آهي تہ مٽيءَ جي جسم وارو خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ جو حقدار نہ ٿو ٿي سگھي. هائو، جيڪو فاني آهي سو بقا وارين شين جو وارث بڻجي نہ ٿو سگھي.