1 Corinthians 15:51 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڏسو، آئون اوهان کي هڪڙي راز جي ڳالهہ ٿو ٻُڌايان: اسين سڀيئي سمهي ڪين پونداسين، پر سڀيئي بدلجي وينداسين؛
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ٻڌو، آءٌ اوھان کي ھڪ راز ٻڌايان ٿو تہ اسين سڀ مري ڪونہ وينداسين پر سڀيئي بدلايا وينداسين،
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ٻڌو، آءٌ اوهان کي هڪ ڀيد جي ڳالهہ ٻڌايان ٿو تہ جيتوڻيڪ اسين وشواسي سڀ جو سڀ مري ڪونہ وينداسين، تنهن هوندي بہ آخري توتاري جي وڄڻ سان ئي هڪدم، اک ڇنڀ ۾ مئل توڙي جيوت سڀيئي بدلجي وينداسين. هائو، اهو توتارو جڏهن وڄايو ويندو، تڏهن مري ويلن کي ابناسي حالت ۾ جيوت ڪري اٿاريو ويندو ۽ ائين اسين بدلايا وينداسين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ٻڌو، آءٌ اوهان کي هڪ راز ٻڌايان ٿو تہ جيتوڻيڪ اسين ايمان وارا سڀ جو سڀ مري ڪونہ وينداسين، تنهن هوندي بہ آخري صور جي ڦوڪ سان ئي هڪدم، اک ڇنڀ ۾ مئل توڙي جيئرا سڀيئي بدلجي وينداسين. هائو، اها صور جڏهن ڦوڪي ويندي، تڏهن مري ويلن کي بقا واري حالت ۾ جيئرو ڪري اٿاريو ويندو ۽ ائين اسين بدلايا وينداسين.