1 Corinthians 15:54 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
پر جڏهن هي فاني جسم بقا جي پوشاڪ ڍڪيندو، ۽ هي مرڻ وارو جسم هميشہ جي زندگيءَ واري پوشاڪ ڍڪيندو، تڏهن اُهو قول پورو ٿيندو جو لکيل آهي تہ ”موت فتح ۾ غرق ٿي ويو.“
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تنھنڪري جڏھن فانيءَ کي غير فاني ۽ مرڻ واري کي دائمي پوشاڪ پھرائي ويندي، تڏھن اھو لکيل قول سچو ثابت ٿيندو تہ ”موت نابود ٿي ويو، فتح پوري ٿي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پوءِ جڏهن ناس ٿيندڙ ۽ مرڻ وارو شرير ابناسي ۽ امر جيون واري پوشاڪ پهري چڪو هوندو، تڏهن پوِتر شاستر ۾ ڪيل هي وچن پورو ٿيندو تہ ”موت ناس ٿي ويو، مڪمل سوڀ ٿي آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ جڏهن فاني ۽ مرڻ وارو جسم غير فاني ۽ دائمي زندگيءَ واري پوشاڪ پهري چڪو هوندو، تڏهن پاڪ ڪلام ۾ ڪيل هي قول پورو ٿيندو تہ ”موت نابود ٿي ويو، مڪمل فتح ٿي آهي.