1 Corinthians 16:11 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
تنهنڪري ڪوبہ ماڻهو هن کي گهٽ نہ سمجهي، پر کيس صحيح سلامت اڳتي روانو ڪجو تہ مون وٽ اچي؛ ڇالاءِ جو ڀائرن سميت هن جي اچڻ جي لاءِ آئون منتظر آهيان.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تہ پوءِ ڪوبہ ھن کي گھٽ نہ سمجھي. کيس سک ۽ سلامتيءَ سان روانو ڪجو تہ جيئن ھو مون ڏانھن موٽي سگھي. ٻين ڀائرن سان سندس گڏجي اچڻ جو آءٌ انتظار پيو ڪريان.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تنهنڪري ڪوبہ هن کي نيچ نہ سمجھي. بعد ۾ سک ۽ شانتيءَ سان کيس روانو ڪجو تہ جيئن هو مون ڏانهن موٽي سگھي. ٻين ڀائرن سان سندس گڏجي اچڻ جو آءٌ انتظار پيو ڪريان.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهنڪري ڪوبہ هن کي حقير نہ سمجھي. بعد ۾ سک ۽ سلامتيءَ سان کيس روانو ڪجو تہ جيئن هو مون ڏانهن موٽي سگھي. ٻين ڀائرن سان سندس گڏجي اچڻ جو آءٌ انتظار پيو ڪريان.