1 Corinthians 16:12 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
باقي ڀاءُ اپلوس جي نسبت ۾ مون کيس گهڻي منٿ ڪئي تہ ڀائرن سان گڏ اوهان وٽ اچي، مگر هن وقت هن جي اچڻ جي بلڪل مرضي ڪانہ هئي، پر جڏهن وجهہ ملندس، تڏهن ايندو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھاڻي پنھنجي ڀاءُ اپلوس جي باري ۾ ھي آھي تہ مون ھن کي ڀائرن سان گڏجي اوھان ڏانھن اچڻ لاءِ زور ڀريو. ھن وقت سندس اچڻ جي مرضي اصلي ناھي پر موقعو مليس تہ ضرور ايندو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هاڻي ڀاءُ اپلوس جي باري ۾ هي آهي تہ آءٌ هن کي ڀائرن سان گڏجي اوهان ڏانهن اچڻ لاءِ بار بار زور ڀريندو رهيس. پر هن وقت سندس اچڻ جو ڪو ارادو ناهي، جڏهن موقعو مليس تہ هو ضرور ايندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هاڻي ڀاءُ اپلوس جي باري ۾ هي آهي تہ آءٌ هن کي ڀائرن سان گڏجي اوهان ڏانهن اچڻ لاءِ بار بار زور ڀريندو رهيس. پر هن وقت سندس اچڻ جو ڪو ارادو ناهي، جڏهن موقعو مليس تہ هو ضرور ايندو.