1 Corinthians 16:19 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
آسيہ جون جماعتون اوهان کي سلام ٿيون ڏين. اڪولہ ۽ پرسڪہ، ۽ جيڪا جماعت هنن جي گهر ۾ آهي، سي اوهان کي خداوند ۾ گهڻا گهڻا سلام ٿا ڏين.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ايشيا پرڳڻي جون ڪليسيائون اوھان کي سلام ڏين ٿيون. اڪولا ۽ پرسڪلا ۽ سندن گھر ۾ گڏ ٿيندڙ ڪليسيا اوھان کي پرجوش مسيحي سلام ٿا ڏين.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
آسيا صوبي جون وشواسي منڊليون اوهان کي نمسڪار ڪن ٿيون. اڪولا ۽ سندس پتني پرسڪلا پنهنجي گھر ۾ گڏ ٿيندڙ منڊليءَ سميت اوهان کي پرڀو يسوع ۾ پرجوش نمسڪار ٿا ڪن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
آسيا صوبي جون ڪليسيائون اوهان کي سلام ڏين ٿيون. اڪولا ۽ سندس زال پرسڪلا پنهنجي گھر ۾ گڏ ٿيندڙ ڪليسيا سميت اوهان کي خداوند عيسيٰ ۾ پرجوش سلام ٿا ڏين.