1 Corinthians 2:14 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
هاڻي جسماني ماڻهو خدا جي روح جون ڳالهيون قبول نٿو ڪري، ڇالاءِ جو اُهي هن جي لاءِ بيوَقوفي آهن، ۽ اهي هو سمجهي بہ نہ ٿو سگهي، ڇالاءِ جو اهي روحاني طرح جاچي سگهبيون آهن.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر جنھن ماڻھوءَ کي پاڪ روح مليل نہ آھي، سو خدا جي پاڪ روح کان مليل ڳالھيون قبول نہ ڪندو، ڇالاءِجو اھي ھن لاءِ بيوقوفي آھن. ھو انھن کي سمجھي نہ سگھندو، ڇاڪاڻتہ اھي روحاني طرح پرکيون وينديون آھن.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پر جنهن ماڻهوءَ کي پوِتر آتما مليل نہ آهي، سو ايشور جي پوِتر آتما جون ڳالهيون قبول نہ ٿو ڪري، ڇاڪاڻ تہ اهي هن جي نظر ۾ مورکتا آهن. هو انهن کي سمجھي نہ ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ اهي پوِتر آتما جي وسيلي ئي پرکي سگھجن ٿيون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر جنهن ماڻهوءَ کي پاڪ روح مليل نہ آهي، سو خدا جي پاڪ روح جون ڳالهيون قبول نہ ٿو ڪري، ڇاڪاڻ تہ اهي هن جي نظر ۾ بيوقوفي آهن. هو انهن کي سمجھي نہ ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ اهي پاڪ روح جي وسيلي ئي پرکي سگھجن ٿيون.